بن بلا/بن باالله

بن بلا/بن باالله: بن بلا/ بن باالله، الجزائر جو مشهور سياستدان ٿي گذريو آهي. هن 25 ڊسمبر 1918ع تي ميگهنيا (الجزائر) ۾ جنم ورتو. هيءَ جوانيءَ ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران مراڪش جي ڇهين رجمنٽ ۾ وارنٽ آفيسر مقرر ٿيو. 1949ع کان 1952ع تائين باغيانه سرگرمين جي ڪري جيل موڪليو ويو. 1953ع کان 1956ع تائين لبيا ۾ رهائش دوران هن الجزائر جي تحريڪ آزاديءَ جي رهنمائي ڪئي. کيس 1956ع ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1959ع ۾ هن کي فرانس موڪليو ويو. 18 مارچ 1962ع ۾ آزاد ٿيو ته تيونس هليو ويو. 1962ع ۾ الجزائر جي آزاديءَ بعد ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو. سيپٽمبر 1963ع ۾ صدر منتخب ٿيو. هن جي ڪئبنيٽ ۾ سندس سمورا وفادار ساٿي، يوسف بن خده، ڪرنل تياتي، محمد خضر، آيت احد ۽ ٻيا شامل هئا. 19 جون 1965ع جي رات ڪرنل حَوارِي بومدين سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪري حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون ۽ بن باالله کي گرفتار ڪيو ويو، جتان کيس 1979ع ۾ آزاد ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.12.25  عيسوي

بن بلا/ بن باالله 25 ڊسمبر 1918ع تي ميگهنيا ( الجزائر ) ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه حسن مرزا ارغون
ابوالبقا
احمد رضا شاهه جيلاني
فاروق سولنگي
بڪيرائي مراد علي شاهه
دروپدي
بقراط
قربان علي عباسي
پيرزادو سائل
ايف اي خان ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون